ڊاڪٽر آدم ٻُٽ

ڊاڪٽر آدم ٻُٽ

ڊاڪٽرآدم ٻُٽ

ڊاڪٽرآدم ٻُٽ

آدم ٻٽ ڊاڪٽر

آدم ٻُٽ، ڊاڪٽر: اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محمد آدم ٻُٽ 27 فيبروري 1955ع تي ڳوٺ ٻُٽ سرائي، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾، فقير محمد ٻُٽ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي ۽ Ph.D آهي. 1977ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. آگسٽ 1989ع ۾ڪميشن پاس ڪري تعليم کاتي ۾ پھرين ليڪچرر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. 2001ع کان 2004ع تائين ميھڙ ڪاليج جو پرنسپال رهيو. جنوري 2005ع کان نومبر 2005ع تائين، ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر (ايليمينٽري) ڄام شورو رهيو. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل ’ڪينجهر‘ جي تجزياتي ماهر طور ڪم ڪيو. فيبروري 2015ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. ھن لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. ھي مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان به وابستا رھيو آھي. سنڌي ادبي سنگت شاخ، ميھڙ جو ڪائونسلر (2018ع کان 2000ع تائين) رھيو. پ ٽ الف ۽ سپلا ۾ به سرگرم رھيو. ھن 2016ع ۾ ”رئيس شمس الدين بلبل جون علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون“ جي عنوان ھيٺ مقالو لکي Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي.کيس سنڌي ادبي سنگت شاخ، ميھڙ پاران ”شمس الدين بلبل“ اوارڊ ۽ ”محسن ڪڪڙائي“ اوارڊ ملي چڪا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.02.27  عيسوي

اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محمد آدم ٻُٽ 27 فيبروري 1955ع تي ڳوٺ ٻُٽ سرائي، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾، فقير محمد ٻُٽ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلمه آغا
ٻاجهاڻي (پاڙو)
مير ٺارو خان ٽالپر
دارا شڪوه 1
خانبهادر ميان علي بخش
دائود شورو
فضل الرحمٰن شاهه رضوي
عامر لطيف صديقي
سُهراب ڪائوسجي
برٽن رچرڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون